ابو حڪم شيباني

ابو حڪم شيباني: هي پنھنجي دور جو وڏو بھادر ۽ جنگي صلاحيتن جو ماهر هو. محمد بن قاسم کي جڏهن سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ته ابو حڪم شيباني پڻ ساڻس گڏ هو. ابو حڪم شيباني ۽ ٻين نامور جنگجو ساٿين جي مدد سان محمد بن قاسم ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ سڄي سنڌ ۽ ملتان فتح ڪيو. ان کانپوءِ هن وچ ۾ هندستان ۾ قنوج تي حملي ڪرڻ جا سانباها پڻ شروع ڪيا ۽ انهيءَ جي شروعات ۾ محمد بن قاسم هڪ حصو فوج جو ابو حڪم شيبانيءَ جي سربراهيءَ ۾ اڌيپور فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. ابو حڪم شيباني اڃا مس اڌيپور جي ويجهو پھتو ته دمشق ۾ حڪومتي تبديلين سبب محمد بن قاسم کي واپس گهرايو ويو ۽ اهڙيءَ طرح ابو حڪم شيبانيءَ کي اڌيپور مان واپس اچڻو پيو.


لفظ ابو حڪم شيبانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو